شيرين مزاري

شيرين مزاري

شيرين مزاري

شيرين مزاري: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان، صحافي ۽ سياسي ۽ دفاعي معاملن تي بصيرت رکندڙ شيرين مزاري جو پورو نالو شيرين مهر النساءَ مزاري آهي. هن اڳوڻي سياستدان ۽ ڪاموري عاشق محمود خان مزاري جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو AMK مزاري جي نالي سان مشهور هو. هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ پوليٽيڪل سائنس مان B.Sc (آنرز) ۽ ساڳئي اداري مان پهرين ملٽري سائنس ۾ M.Sc ۽ پوءِ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊبل M.Sc ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وئي، جتان ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ Ph.D ڪيائين. سندس تحقيقي عنوان ‘Comprehensive Studies on Military History, Geostrategic and the Foreign Policy of Pakistan’ هو.
هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد جي ڊپارٽمينٽ آف ڊيفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ بحيثيت ايسوسيئيٽ پروفيسر ڪيو ۽ ترقي ڪندي چيئرپرسن جي عهدي تي فائز ٿي. ان کان سواءِ 2008ع تائين عارضي بنيادن تي اسلام آباد ۾ قائم هڪ تحقيقي اداري ‘دي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز’ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جا فرض سرانجام ڏيندي رهي. ان کانپوءِ تدريسي عمل ڇڏي صحافت سان منسلڪ ٿي ۽ 1993ع کان 1999ع تائين هفتيوار انگريزي رسالي ‘Pulse’ جي چيف ايڊيٽر ۽ ناشر مقرر ٿي. شيرين روزاني انگريزي اخبار ‘The News International’ ۾ اهم سياسي توڙي دفاعي مسئلن تي ڪالم لکندي رهي ٿي. هن ‘The News’ اخبار ۾ بطور مدير پڻ ڪم ڪيو پر آمريڪا جي سياسي پاليسين ۽ پاڪستان ۾ مداخلت خلاف لکڻ سبب کيس اتان نيڪالي ڏني وئي ۽ سيپٽمبر 2009ع کان The Nation نالي انگريزي اخبار جي ايڊيٽر مقرر ٿي.
شيرين مزاري وقت به وقت پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ ٻه قومي نظريي جي تائيد ۾ لکندي رهي ٿي. هيءَ پاڪستان جي خارجي پاليسي جي ترجمان هئڻ ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپن، آمريڪا طرفان وزيرستان ۾ ڪيل ڊرون حملن ۽ پاڪستان جي دفاعي معاملن ۾ آمريڪا جي مداخلت ۽ افغانستان ۾ آمريڪي پاليسين تي جرائتمنداڻي انداز سان تنقيد ڪندي رهي ٿي.
هن نومبر 2008ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت سان عملي سياست جو آغاز ڪيو ۽ پارٽيءَ جي خارجي معاملن جي ڊائريڪٽر جنرل ٿي رهي، جنهن عهدي تان سيپٽمبر 2012ع ۾ استعيفا ڏنائين. هن وقت (PTI) جي مرڪزي ترجمان آهي. کيس پارٽي طرفان 2013ع وارين عام چونڊن ۾ خواتين جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ مئي 2013ع جي چونڊن ۾ پاڻ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي آئي. 2013ع وارين چونڊن ۾ سندس پارٽيءَ پاران ڌانڌلين خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان گڏ شامل آهي ۽ ترجمان طور ميڊيا سان رابطي ۾ رهندي آهي. شيرين مزاريءَ کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي ۽ سندس هڪ ڪتاب “Pakistan’s Lesson From Its Kargil War: An Analysis”، 1999ع ۾ شايع ٿيو.


لفظ شيرين مزاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو